در محمد خان مري

در محمد خان مري: در محمد خان ولد گل بيگ خان مري، جنهن جي نالي تي هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي، بلوچستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ ضلع نوابشاهه ۾ زمين خريد ڪري رهيو هو ۽ اتي قائم ٿيندڙ ريلوي اسٽيشن لاءِ زمين عطيي طور ڏنائين، ان ڪري ان تي سندس نالو رکيو ويو. رئيس در محمد خان مريءَ کي انگريزن جي دؤر ۾ وڏو مقام حاصل ٿيو. برطانوي حڪومت سندس سماجي خدمت ۽ بهادريءَ کي ڏسي کيس ڪيترا انعام ۽ سندون ڏنيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو